2.تواريخ 30:6 - Muslim Sindhi Bible6 بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي. Viz kapitolaSindhi Bible6 پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي. Viz kapitola |