2.تواريخ 22:9 - Muslim Sindhi Bible9 اخزياہ جي ڳولا ڪئي ويئي تہ اهو کين سامريہ ۾ مليو جتي هو لڪل هو. کيس پڪڙي ييهوءَ وٽ آندو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. پوءِ اهو چئي کيس انهيءَ لاءِ دفن ڪيو ويو تہ هي بادشاهہ يهوسفط جو پوٽو آهي، جنهن پنهنجي دل وَ جان سان خدا جي فرمانبرداري ڪئي هئي. اخزياہ جي گھراڻي ۾ ڪوبہ باقي نہ رهيو جيڪو بادشاهت هلائي سگھي. Viz kapitolaSindhi Bible9 ۽ هن اخزياہ جي ڳولا ڪئي، ۽ انهن هن کي وڃي پڪڙيو، (هاڻي هو سامريہ ۾ لڪل هو) ۽ انهيءَ کي ياهوءَ وٽ وٺي ويا ۽ قتل ڪيائونس؛ ۽ دفن ڪيائونس، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو يهوسفط جو پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان خدا کي ٿي ڳوليو. ۽ اخزياہ جي گهراڻي کي بادشاهت جي سنڀالڻ جي ڪابہ طاقت ڪانہ هئي. Viz kapitola |