Online Bible

- Reklamy -




2.تواريخ 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن جي ماءُ دان جي ڪٽنب مان آهي ۽ هن جو پيءُ صُور جو رهاڪو آهي. هو سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، پٿر ۽ ڪاٺ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، نيري، لال ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ماهر آهي. هو هر ڪنهن اُڪر جي ڪم ۾ ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ ماهر آهي. هو اوهان جي ڪاريگرن توڙي منهنجي آقا دائود، اوهان جي پيءُ جي ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

14 ۽ دان جي ڌيئرن مان هڪڙي زال جو پٽ آهي، جنهن جو پيءُ صور جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ اهو سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ پٿر ۽ ڪاٺ، ۽ واڱڻائي ۽ نيلي رنگ، ۽ ڪتاني ڪپڙي، ۽ قرمزيءَ جي ڪم ۾ هوشيار آهي؛ ۽ هر ڪنهن قسم جي اُڪر اُڪرڻ ۾، ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ هوشيار آهي؛ انهيءَ کي تنهنجن هنرمند ماڻهن سان ۽ منهنجي ڌڻي دائود تنهنجي پيءُ جي هنرمند ماڻهن سان، گڏ ڪا جاءِ مقرر ڪري ڏيڻ ۾ اچي.

Viz kapitola kopírovat




2.تواريخ 2:14

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy