2.تواريخ 18:7 - Muslim Sindhi Bible7 اخياب يهوسفط کي وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگھون ٿا. پر آءٌ ساڻس نفرت ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشنگوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو ميڪاياہ ولد اِملہ آهي.“ يهوسفط اخياب کي وراڻيو تہ ”اوهان کي ائين نہ چوڻ گھرجي.“ Viz kapitolaSindhi Bible7 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگهون ٿا: پر انهيءَ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪڏهن بہ چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري، پر هميشہ خراب ٿو ڪري: اهو آهي ميڪاياہ بن املہ. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ ائين نہ چوي. Viz kapitola |