2.تواريخ 18:33 - Muslim Sindhi Bible33 هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“ Viz kapitolaSindhi Bible33 ۽ هڪڙي ماڻهوءَ اوچتو پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي تير هنيو، جو هن جي زرهہ جي سَنڌن جي وچ ۾ وڃي لڳو: جنهنڪري هن رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڦيرائي مون کي لشڪر مان ڪڍي ٻاهر وٺي هل؛ ڇالاءِ جو آءٌ سخت ڦٽجي پيو آهيان. Viz kapitola |