2.تواريخ 10:16 - Muslim Sindhi Bible16 جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا. Viz kapitolaSindhi Bible16 ۽ جڏهن سڄي اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ اسان جي ڳالهہ نہ ٿو ٻڌي، تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان جو دائود ۾ ڪهڙو حصو آهي؟ يسيءَ جي پٽ ۾ اسان جو ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، اوهين سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن هليا وڃو: هاڻي اي دائود، پنهنجي گهر جي سنڀال رک. تڏهن سڀ اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا. Viz kapitola |