1.بادشاهَہ 5:9 - Muslim Sindhi Bible9 منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“ Viz kapitolaSindhi Bible9 منهنجا نوڪر، اُهي لبنان کان هيٺ سمنڊ تائين آڻيندا: ۽ آءٌ انهن کي ڳنڍي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ آڻيندس جو تون مقرر ڪندين، ۽ پوءِ آءٌ اُهي توکي کولائي ڏيندس ۽ تون انهن کي وٺج: ۽ تون منهنجي گهر جي لاءِ کاڌو موجود ڪري منهنجي مرضي پوري ڪج. Viz kapitola |