1.بادشاهَہ 3:26 - Muslim Sindhi Bible26 تڏهن جيئري ٻار جي حقيقي ماءُ جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي ۽ چيائين تہ ”منهنجا آقا، انهيءَ کي قتل نہ ڪريو پر ڀلي هن کي ئي ڏيئي ڇڏيو.“ مگر ٻيءَ چيو تہ ”اهو نہ تو کي ملي نہ مون کي. ڀلي تہ کيس وڍي ٻہ ٽڪر ڪيو وڃي.“ Viz kapitolaSindhi Bible26 تڏهن جنهن زال جو اهو جيئرو ٻار هو تنهن جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي، ۽ انهيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، اهو جيئرو ٻار هن کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو. پر ٻيءَ چيو تہ ڀلي اهو نہ منهنجو ٿئي نہ تنهنجو؛ انهيءَ کي وڍي ٻہ ٽڪر ڪريو. Viz kapitola |