Online Bible

- Reklamy -




1.ڪرنٿين 14:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

26 تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاش‌واڻي ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.

Viz kapitola kopírovat




1.ڪرنٿين 14:26

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy