متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:37 - Hindu Sindhi Bible37 ”يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. Viz kapitolaSindhi Bible37 اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو! Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible37 ”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. Viz kapitolaCommon Language New Testament37 ”اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي پيغمبر تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجي کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو. Viz kapitola |