عبرانين 4:3 - Hindu Sindhi Bible3 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي وشواس رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ايشور فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ سنسار جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو. Viz kapitolaSindhi Bible3 ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible3 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو. Viz kapitolaCommon Language New Testament3 ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا. Viz kapitola |