Online Bible

- Reklamy -




1.تيمٿيس 6:2 - Hindu Sindhi Bible

2 جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌وشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

2 ۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Viz kapitola kopírovat

Muslim Sindhi Bible

2 جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌ايمان ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

2 جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن. انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Viz kapitola kopírovat




1.تيمٿيس 6:2

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy