پيدائش 33 - Sindhi Bible1 پوءِ يعقوب پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ عيسوءَ کي چئن سوَن ماڻهن سان ايندو ڏٺائين. تڏهن هن لياہ کي، ۽ راخل کي، ۽ ٻنهي ٻانهين کي، ٻار ورهائي ڏنا. 2 ٻانهين ۽ سندن ٻارن کي سڀني کان اڳ ۾ ڪيائين، ۽ انهن جي پٺيان لياہ ۽ سندس ٻارن کي، ۽ سڀني جي پٺيان راخل ۽ يوسف کي ڪيائين. 3 ۽ هو پاڻ انهن جي اڳيان هليو، ۽ جيسين پنهنجي ڀاءُ تائين پهتو، تيسين ست ڀيرا زمين تي جهڪي سجدو ڪيائين. 4 تڏهن عيسو کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي، گلي لڳائي چميائينس: ۽ هو ٻئي روئڻ لڳا. 5 پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن. 6 پوءِ اهي ٻانهيون ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ جهڪي سجدو ڪيائون. 7 تنهن کان پوءِ لياہ ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو، پڇاڙي ۾ راخل ۽ يوسف ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو. 8 تڏهن هن چيو تہ هيءَ سڄي جماعت، جا مون کي اچي گڏي آهي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ مون تي منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر ٿئي. 9 تڏهن عيسوءَ چيو تہ مون وٽ ججهو ئي آهي، جيڪي تنهنجو آهي، سو تو وٽ ئي رهي. 10 پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين. 11 سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي. 12 پوءِ هن چيس تہ اچو تہ پنڌ پئون ۽ هلون، آءٌ تنهنجي اڳيان ٿو هلان. 13 پر هن چيس تہ سائينءَ جن کي خبر آهي، تہ هي ٻار نازڪ آهن، ۽ ڌڻ ۽ ڍور جيڪي مون وٽ آهن، سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گهڻو ڪاهبو، تہ سڀ ڌڻ مري ويندا. 14 تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو مالڪ پنهنجي ٻانهي کان اڳي هليو هلي، تہ آءٌ، هي ڍور جي اڳيان پيا وڃن، تن جي ٽور آهر، ۽ ٻارن جي وک سارو، آهستي آهستي هليو ايندس، جيسين ڪ شعير وٽ اچي پنهنجي مالڪ کي گڏجان. 15 تڏهن عيسوءَ چيو تہ چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن، تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان. پر هن چيو تہ انهيءَ جو ڪهڙو ضرور آهي، شل منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي. 16 پوءِ عيسو انهيءَ ڏينهن شعير ڏانهن موٽي ويو. 17 ۽ يعقوب سفر ڪندو سڪات ۾ پهتو ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيائين، ۽ پنهنجن ڍورن لاءِ ڇَنو ٻڌائين: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو سڪات پئجي ويو. 18 پوءِ يعقوب فدان ارام مان نڪري سڪم شهر ۾ آيو، جو ڪنعان ملڪ ۾ آهي، ۽ شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪيائين؛ 19 ۽ جنهن زمين جي ٽڪر تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان سؤ سڪن تي خريد ڪيائين. 20 ۽ اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين ۽ انهيءَ جو نالو ايل ايلوہ اسرائيل رکيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society