2.تواريخ 8 - Sindhi Bible1 ۽ ويهہ ورهيہ، جن ۾ سليمان خداوند جو گهر ۽ پنهنجو گهر جوڙيو، تن جي پوري ٿيڻ تي هيئن ٿيو تہ 2 جيڪي شهر سليمان حورام کي ڏنا هئا، سي سليمان اڏايا ۽ بني اسرائيل کي اُتي رهايائين. 3 ۽ سليمان حمات ضوباہ ڏانهن ويو ۽ انهن کي جيتيائين. 4 ۽ هن بيابان ۾ تدمور اڏايو، ۽ گدامن جا سڀ شهر حمات ۾ جوڙايائين. 5 ۽ هن مٿيون بيت حورون، ۽ هيٺيون بيت حورون بہ جوڙيا، جي ڪوٽن وارا شهر هئا، ۽ اُنهن کي ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ 6 ۽ بعلت بہ، ۽ جيڪي گدامن جا شهر سليمان وٽ هئا، ۽ سندس گاڏين جا سڀ شهر، ۽ سندس گهوڙي سوارن جا شهر، ۽ ٻيو جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهت جي سڄيءَ زمين ۾، پنهنجي خوشيءَ لاءِ جيڪي وڻيس سو جوڙيو. 7 باقي جيڪي ماڻهو حتين ۽ امورين، ۽ فريزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين مان بچيا هئا، جي اسرائيل مان نہ هئا؛ 8 انهن جي اولاد مان جيڪي انهن جي زمين ۾ رهجي ويا، ۽ جن کي بني اسرائيل ماري کپائي نہ ڇڏيو هو، تن مان سليمان غلامن جي ڀرتي ڪئي، جي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن. 9 پر بني اسرائيل مان سليمان پنهنجي ڪم لاءِ ڪي بہ غلام نہ بنايا؛ پر اهي جنگي ماڻهو ۽ سندس خاص سردار، ۽ سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن جا سردار هئا. 10 ۽ اُهي سليمان بادشاهہ جا مکيہ عملدار هئا، جي ٻہ سؤ پنجاهہ هئا، ۽ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا. 11 ۽ سليمان فرعون جي ڌيءَ کي، دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ گهر ۾ آندو، جو هن سندس لاءِ جوڙايو هو. ڇالاءِ تہ هن چيو تہ منهنجي زال اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي گهر ۾ نہ رهندي، ڇالاءِ جو جن جاين ۾ خداوند جي صندوق آئي آهي، سي پاڪ آهن. 12 تنهن کانپوءِ سليمان جيڪا خداوند جي قربانگاهہ دالان جي اڳيان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قربانيون چاڙهيون، 13 يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون. 14 ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو. 15 ۽ جيڪو حڪم بادشاهہ ڪاهنن، ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏنو هو، تنهن کان هو ٻاهر نہ ويا. 16 هاڻي سليمان جو ڪم خداوند جي گهر جي بنياد پوڻ ۽ ان جي پوري ٿيڻ تائين پورو ٿيو. انهيءَ طرح خداوند جو گهر جُڙي تيار ٿيو. 17 پوءِ سليمان عيصون جابر ۽ ايلوت، جي ادوم جي ملڪ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهن، انهن ڏانهن ويو. 18 ۽ حورام پنهنجن نوڪرن جي هٿان جهاز ۽ اهي نوڪر موڪليا، جن کي سمنڊ جي خبر هئي: ۽ اهي سليمان جي نوڪرن سان گڏجي اوفير ۾ آيا، ۽ اتان ساڍا چار سؤ قنطار سون جا کڻي سليمان بادشاهہ وٽ آيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society