2.تواريخ 4 - Sindhi Bible1 انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي. 2 هن پلٽيل حوض بہ جوڙيو، جو هڪڙي ڪَني کان ٻئي ڪَني تائين ڏهہ هٿ هو، ۽ پاسن کان گول هو، انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي؛ ۽ ان جي گولائي ٽيهہ هٿ هئي. 3 ۽ انهيءَ جي هيٺان ڍڳن جون شڪليون هيون، جي انهيءَ کي ڏهہ هٿ چوڌاري ڦري ٿي آيون، ۽ حوض جي چوگرد هيون. ڍڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽڻ وقت پلٽيا ويا هئا. 4 اهو حوض ٻارهن ڍڳن تي بيٺل هو، ٽن اُتر ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُلهندي ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن ڏکڻ ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُڀرندي ڏانهن پئي نهاريو: ۽ انهن جي مٿان حوض رکيل هو، ۽ انهن جا ڌڙ، اندر تي هئا. 5 ۽ اهو، ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪَنو پيالي جي ڪَني وانگر سوسن جي گل جي شڪل ۾ جڙيل هو: ۽ انهيءَ ۾ ٽي هزار بٿ سمائجي ويندا هئا. 6 هن ڏهہ چلمچيون بہ جوڙيون، پنج سڄي هٿ پاسي رکيائين، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي، تہ انهن ۾ ڌوئڻ جو ڪم ٿئي، جيڪي شيون سوختني قربانيءَ سان واسطو رکنديون هيون، سي انهن ۾ ڌوپنديون هيون: پر خود اهو حوض ڪاهنن جي ڌوئڻ لاءِ هو. 7 ۽ هن ڏهہ شمعدان سون جا، انهن جي نسبت ۾ ٺهرايل قانونن موجب جوڙيا؛ ۽ اهي هن هيڪل ۾ رکيا، پنج سڄي هٿ پاسي ۽ پنج کٻي هٿ پاسي. 8 ۽ هن ڏهہ ميزون بہ جوڙيون، ۽ هيڪل ۾ رکيون، پنج سڄي هٿ پاسي، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي. ۽ هن هڪ سؤ سون جون ٿالهيون جوڙيون. 9 تنهن کان سواءِ هن ڪاهنن جو ايوان، ۽ وڏو ايوان، ۽ ايوان لاءِ در جوڙيا، ۽ انهن جي درن تي پتل مڙهيائين. 10 ۽ هن اهو سمنڊ، گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏانهن، ڏکڻ جي لهہ تي رکيو. 11 ۽ حورام ديڳيون، ۽ چمچا، ۽ ٿالهيون جوڙيون. انهيءَ طرح حورام خدا جي گهر ۾، سليمان بادشاهہ جي لاءِ جيڪو ڪم ٿيڻو هو، سو ڪري پورو ڪيو. 12 ٻہ ٿنڀ، ۽ ٻہ ڇٽ، جي ٿنڀن جي چوٽيءَ تي هئا؛ ۽ ٻہ ڄاريون ٿنڀن جي چوٽيءَ تي رکيل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛ 13 ۽ چار سؤ ڏاڙهون انهن ٻن ڄارين لاءِ، ڏاڙهن جون ٻہ قطارون هرهڪ ڄاريءَ لاءِ، ۽ ٿنڀن تي بيٺل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ واسطي. 14 هن پاوا بہ جوڙيا، ۽ انهن پاون تي چلمچيون جوڙيائين؛ 15 ۽ هڪڙو حوض، ۽ انهيءَ جي هيٺان ٻارهن ڏاند. 16 ديڳيون، ۽ چمچا ۽ گوشت جا ڪنڍا، ۽ انهيءَ جا سڀ باسڻ، ان جي پيءُ حورام، خداوند جي گهر لاءِ سليمان بادشاهہ واسطي چمڪندڙ پتل جا جوڙيا. 17 يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ صريدا جي وچ ۾، چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين منجهہ اهي بادشاهہ پلٽايا. 18 انهيءَ طرح سليمان اهي سڀ باسڻ بيشمار جوڙايا: ايترا جو پتل جي تور معلوم ٿي نہ سگهي. 19 ۽ سليمان اهي سڀ باسڻ جوڙيا، جي خدا جي گهر ۾ هئا، يعني سوني قربانگاهہ، ۽ ميزون، جي نذر جي ماني رکڻ لاءِ هيون؛ 20 ۽ نج سون جا شمعدان، ڏيئن سميت، جي قاعدي موجب پاڪ جاءِ جي اڳيان ٻرڻ لاءِ هئا؛ 21 ۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا سون جا، بلڪ خالص سون جا هئا؛ 22 ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون ۽ ٿالهيون، ۽ چمچا، ۽ لوبان ساڙڻ جا باسڻ، سڀ نج سون جا هئا: ۽ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ، يعني تمام پاڪ جاءِ جا اندريان دروازا، ۽ گهر جا دروازا يعني هيڪل جا دروازا سڀ سون جا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society