2.تواريخ 36 - Sindhi Bible1 تڏهن ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي سندس پيءُ جي جاءِ تي يروشلم ۾ بادشاهہ ڪيو. 2 جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. 3 ۽ مصر جي بادشاهہ هن کي يروشلم جي تخت تان لاهي ڇڏيو ۽ ملڪ تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ سون جي هڪ قنطار جو ڏنڊ رکيو. 4 ۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو. 5 جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا. 6 انهيءَ تي وري بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ بابل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ هن کي زنجيرن سان ٻڌائين. 7 نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا. 8 هاڻي يهويقيم جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هن ڪيا، ۽ جيڪي هن ۾ ڏٺو ويو، سو ڏسو، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 9 جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا. 10 ۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين. 11 جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: 12 ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ خراب هئا؛ هن يرمياہ نبيءَ جي اڳيان پاڻ کي نماڻو نہ ڪيو، جنهن خداوند جي واتان ٿي ڳالهايو. 13 ۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي. 14 تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو. 15 ۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو: 16 پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو. 17 تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو. 18 ۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو. 19 ۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون. 20 ۽ جيڪي ترار کان بچي نڪتا هئا، تن کي هو بابل ڏي وٺي ويو: اهي هن ۽ هن جي پٽن جا ٻانها ٿيا، جيسين ڪ فارس جي بادشاهت نہ آئي: 21 انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا. 22 هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهي لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي ساري بادشاهت ۾ منادي ڪرائي ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين، ۽ چيائين تہ 23 فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society