Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 31 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.

2 ۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.

3 هن بادشاهہ جي مال مان سندس حصو سوختني قربانين لاءِ بہ مقرر ڪيو، يعني صبح ۽ شام جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ سبت جي ڏينهن جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ نئين چنڊ لاءِ، ۽ ٺهرايل عيدن لاءِ، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي.

4 تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.

5 ۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.

6 ۽ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، جي يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن بہ ڏاندن ۽ رڍن جو ڏهون حصو آندو، ۽ جيڪي وقف ٿيل شيون خداوند سندن خدا جي لاءِ پاڪ ڪيون ويون هيون، سي بہ آڻي ڍڳ ڪيائون.

7 ٽئين مهيني ۾ هنن گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ ستين مهيني ۾ پورو ڪيائون.

8 ۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.

9 تڏهن حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين کان انهن شين بابت پڇا ڪئي.

10 ۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.

11 تڏهن حزقياہ حڪم ڏنو تہ خداوند جي گهر ۾ ڪوٺيون تيار ڪن: ۽ ماڻهن اهي ڪوٺيون تيار ڪيون.

12 ۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.

13 ۽ يحيئيل، ۽ عززياہ، ۽ نحت، ۽ عساهيل، ۽ يريموت، ۽ يوزبد، ۽ الي ايل ۽ اسماڪياہ، ۽ محت، ۽ نباياہ، جي ڪنعنياہ ۽ سندس ڀاءُ سمعي جي هٿ هيٺ، حزقياہ بادشاهہ ۽ عزرياہ، خدا جي گهر جي ناظر، جي ٺهراءَ موجب داروغا هئا.

14 ۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.

15 ۽ انهيءَ جي هيٺان عيدن، ۽ منيمين، ۽ يشوع، ۽ سمعياہ، ۽ امرياہ، ۽ سڪنياہ هئا، جي ڪاهنن جي شهرن ۾ پنهنجي مقرر عهدي تي هئا، ۽ پنهنجن ڀائرن کي حصن موجب وڏن توڙي ننڍن کي سندن حصا ڏيڻ وارا هئا:

16 ۽ انهن کانسواءِ جيڪي مردن جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا، ۽ ٽن سالن جا ۽ انهي کان مٿي هئا، يعني جيڪو ماڻهو، هر روز فرضي ڪم جي ضرورت موجب خداوند جي گهر ۾ گهڙندو هو، انهي لاءِ تہ جيڪا خدمت سندن حوالي هئي، تنهن جي لاءِ پنهنجي حصن موجب خدمت ڪري؛

17 ۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛

18 ۽ انهن کي بہ جي سندن سڀني ننڍن ٻارن، ۽ سندن زالن، ۽ سندن پٽن، ۽ سندن ڌيئرن جي نسب نامي موجب، ساري جماعت مان، شمار ڪيا ويا هئا: ڇالاءِ جو پنهنجي پنهنجي مقرر عهدي تي پاڪيزگيءَ سان هنن پاڻ کي پاڪ ٿي ڪيو.

19 هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ بہ، جي سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾، پنهنجن شهرن جي ٻهراڙين وارين ٻنين ۾ رهندا هئا، ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاهنن مان جيڪي مرد ماڻهو هئا ۽ جيڪي لاوين مان نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي سندن حصا پهچائي ڏين.

20 ۽ انهيءَ طرح حزقياہ ساري يهوداہ ۾ ڪيو؛ ۽ هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان جيڪي چڱو ۽ درست ۽ حق هو، سو ڪيو.

21 ۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy