Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 29 - Sindhi Bible

1 جڏهن حزقياہ پنجويهن ورهين جو هو، تڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابياہ هو، جا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.

2 ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ سندس پيءُ دائود جي ڪمن جهڙا هئا.

3 پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرين سال جي پهرين مهيني ۾ هن خداوند جي گهر جا در کولايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.

4 ۽ هن ڪاهن ۽ لاوي آڻي اُڀرندي پاسي ڪشادي هنڌ گڏ ڪيا؛

5 ۽ انهن کي چيائين تہ اي لاوي منهنجي ٻڌو؛ هاڻي پاڻ کي ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي پاڪ ڪريو، ۽ انهيءَ پاڪ جاءِ مان گندگي ڪڍي وڃو.

6 ڇالاءِ جو اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيو آهي ۽ اهي ڪم ڪيا اٿن، جي خداوند اسان جي خدا جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ پنهنجا منهن خداوند جي رهڻ جي جاءِ کان ڦيريا اٿن ۽ پٺيون ڏنيون اٿن.

7 ۽ دالان جا در بہ بند ڪيا اٿن ۽ ڏيئا اُجهايا اٿن ۽ لوبان نہ ساڙيا اٿن، نڪي پاڪ جاءِ ۾ اسرائيل جي خدا لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون اٿن.

8 تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ يهوداہ ۽ يروشلم تي هئي، ۽ هن انهن کي هيڏي هوڏي اُڇلايو ۽ رلايو آهي، تہ حيرت ۽ نفرت پيدا ڪن، جيئن اوهين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا.

9 ڇالاءِ جو ڏسو، اسان جا ابا ڏاڏا ترار سان مارجي ويا، ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون ۽ اسان جون زالون انهيءَ ڪري قيد ۾ آهن.

10 هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.

11 اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.

12 تڏهن لاوي اُٿيا، يعني قهاتين جي پٽن مان، محت بن عماسي، ۽ يوايل بن عزرياہ: ۽ مراري جي پٽن مان، قيس بن عبدي، ۽ عزرياہ بن يهللئيل: ۽ جرسونين مان، يوآخ بن زمہ، ۽ عدن بن يوآخ:

13 ۽ اليصفن جي پٽن مان، سمري ۽ يعوايل: ۽ آسف جي پٽن مان زڪرياہ ۽ متنياہ:

14 ۽ هيمان جي پٽن مان يحي ايل ۽ سعمي: ۽ يدوتون جي پٽن مان سمعياہ ۽ عزي ايل.

15 ۽ هنن پنهنجا ڀائر گڏ ڪيا ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي ڪلام موجب، خداوند جي گهر کي صاف ڪرڻ لاءِ اندر ويا.

16 ۽ ڪاهن خداوند جي گهر جي اندرئين ڀاڱي ۾ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ويا ۽ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ خداوند جي هيڪل منجهہ جيڪا گندگي ڏٺائون سا ٻاهر ڪڍي آندائون. ۽ لاوي اها ڪڍي قدرون جي نديءَ ڏانهن کڻي ويا.

17 هاڻي اُنهن پهرين مهيني جي پهرين تاريخ پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ مهيني جي اٺين تاريخ اهي خداوند جي دالان ۾ آيا: ۽ اٺن ڏينهن ۾ هنن خدا جي گهر کي پاڪ ڪيو: ۽ پهرين مهيني جي سورهين تاريخ هنن اهو ڪم پورو ڪيو.

18 تنهن کانپوءِ هو محلات ۾ لنگهي بادشاهہ حزقياہ وٽ ويا، ۽ چيائونس تہ اسان خداوند جو سارو گهر ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، ۽ ان جي سڀني ٿانوَن، ۽ نذر جي مانيءَ جي ميز، ان جي ٿانوَن سميت، پاڪ ڪئي آهي.

19 تنهن کانسواءِ سڀ ٿانوَ، جي آخز بادشاهہ گنهگار ٿيڻ وقت پنهنجي راڄ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا، سي اسان تيار ڪري پاڪ ڪيا آهن؛ ۽ ڏس، اهي خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان آهن.

20 تڏهن حزقياہ بادشاهہ صبح جو سوير اُٿيو ۽ شهر جا سڀ امير گڏ ڪيائين ۽ خداوند جي گهر ڏي چڙهي ويو.

21 ۽ هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا ۽ ست گهيٽا ۽ ست ٻڪر، بادشاهت جي لاءِ، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ، ۽ يهوداہ جي لاءِ، گناهہ جي قرباني ڪري آندا. ۽ هن هارون جي پٽن ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند جي قربانگاهہ تي چاڙهين.

22 تڏهن هن ڍڳا ڪُٺا ۽ ڪاهنن رت کڻي قربانگاهہ تي ڇاٽاريو: ۽ هنن گهٽا ڪُٺا ۽ اهو بہ رت قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون: هنن گهيٽا بہ ڪُٺا ۽ انهن جو رت بہ قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون.

23 پوءِ هنن گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بادشاهہ ۽ جماعت جي اڳيان ٻڪر آندا، ۽ انهن پنهنجا هٿ انهن تي رکيا:

24 پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.

25 ۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.

26 ۽ لاوي دائود جي سازن سان، ۽ ڪاهن قرنائن سان اٿي بيهي رهيا.

27 ۽ حزقياہ حڪم ڏنو تہ قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين. ۽ جڏهن سوختني قرباني شروع ٿي، تڏهن خداوند جو راڳ بہ شروع ٿيو، ۽ قرنائون بہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جا ساز بہ وڄڻ لڳا.

28 ۽ ساري جماعت سجدو ڪيو، ۽ ڳائڻ وارن ڳايو، ۽ قرنائن وارن وڄايو؛ اهو سڀ ڪم پئي هليو، جيسين ڪ سوختني قرباني پوري ٿي.

29 ۽ جڏهن هنن قرباني پوري ڪئي، تڏهن بادشاهہ ۽ ٻيا جيڪي ساڻس حاضر هئا تن جهڪي سجدو ڪيو.

30 تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.

31 تڏهن حزقياہ ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو ويجهو اچو ۽ خداوند جي گهر ۾ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون آڻيو. ان موجب جماعت ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون اندر آنديون؛ ۽ جن جي دل جي خوشي هئي، تن سوختني قربانيون آنديون.

32 ۽ جيڪي سوختني قربانيون جماعت آنديون سي شمار ۾ ستر ڍڳا، هڪ سؤ گهٽا، ۽ ٻہ سؤ گهيٽا هئا: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قرباني واسطي هئا.

33 ۽ پاڪ ڪيل شيون ڇهہ سؤ ڏاند ۽ ٽي هزار رڍون هيون.

34 پر ڪاهن تمام ٿورا هئا، جنهنڪري اهي سڀني سوختني قربانين جون کلون لاهي نہ سگهيا: انهيءَ ڪري هنن جي ڀائرن لاوين انهن کي مدد ڏني، ۽ اهو ڪم پورو ٿيو؛ ۽ ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو: ڇالاءِ جو لاوي ڪاهنن کان وڌيڪ پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سالم دل وارا هئا.

35 ۽ سوختني قربانيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ۽ هرهڪ سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيئڻ وارين قربانين سميت، تمام گهڻيون هيون. انهيءَ طرح خداوند جي گهر جي خدمت چاڪريءَ جو پورو بندوبست ٿي ويو.

36 ۽ حزقياہ ۽ ساري قوم خوشيون ڪيون. ڇالاءِ جو خدا قوم جي لاءِ تياري ڪئي هئي: جو اهو ڪم جلدي لهي ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy