Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 28 - Sindhi Bible

1 جڏهن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس پيءُ دائود ڪيا:

2 پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو ۽ بعليم جي لاءِ پلٽيل مورتيون بہ جوڙيائين.

3 تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.

4 ۽ هن مٿانهين جاين ۾، ۽ ٽڪرن تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ قرباني ڪئي ۽ لوبان ساڙيو.

5 تنهنڪري خداوند سندس خدا هن کي ارام جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو؛ ۽ انهن هن کي شڪست ڏيئي، ۽ سندس ماڻهن مان تمام گهڻا قيدي کڻي دمشق ۾ آندا. ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ بہ ڏنو ويو، جنهن ڏاڍي ڪوس سان هن کي شڪست ڏني.

6 ۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.

7 ۽ ذڪري، جو افرائيم جو هڪڙو زور وارو ماڻهو هو، تنهن بادشاهہ جي پٽ معسياہ، ۽ گهر جي سردار عزريقام، ۽ بادشاهہ جي نائب القانہ کي قتل ڪيو.

8 ۽ بني اسرائيل پنهنجن ڀائرن مان ٻہ لک زالون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون قيد ڪري کڻي ويا ۽ انهن سان گهڻو لٽ جو مال سامريہ ۾ آندائون.

9 پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.

10 ۽ هاڻي اوهين ڀانئيو ٿا تہ يهوداہ ۽ يروشلم جي اولاد کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري پاڻ وٽ رکو: پر خود اوهان خداوند پنهنجي خدا جا گناهہ نہ ڪيا آهن ڇا؟

11 تنهنڪري هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ پنهنجن ڀائرن مان جيڪي اوهين قيد ڪري کڻي آيا آهيو، سي موٽائي موڪلي ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند جي سخت ڪاوڙ اوهان تي آهي.

12 تڏهن بني افرائيم جي ڪن رئيسن، يعني عزرياہ بن يهوحنان، ۽ برڪياہ بن مسليموت، ۽ يحزقياہ بن سلوم، ۽ عماسا بن خدلي، جيڪي ماڻهو جنگ تان آيا هئا تن سان مقابلو ڪيو،

13 ۽ انهن کي چيائون تہ قيدين کي متان هيڏي آڻيو: ڇالاءِ جو اوهين اُهو ڪم ڪرڻ ٿا گهرون جو اسان تي خداوند جي برخلاف هڪڙو ڏوهہ آڻيندو، ۽ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ وڌائيندو: ڇالاءِ جو اسان وڏو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ اسرائيل تي سخت ڪاوڙ نازل ٿي آهي.

14 تڏهن جنگي ماڻهن، سردارن ۽ ساري جماعت جي اڳيان، قيدي ۽ لٽ جو مال ڇڏي ڏنو.

15 ۽ جن ماڻهن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو، سي اُٿيا ۽ قيدي ورتائون، ۽ انهن مان جيڪي اُگهاڙا هئا، تن کي انهيءَ لٽ جي مال مان ڪپڙا پهرايائون، ۽ انهن کي سينگاريائون، ۽ جُتي پارايائون، ۽ کارايائون، پياريائون ۽ تيل مکيائون، ۽ جيڪي منجهن ضعيف هئا تن کي گڏهن تي چاڙهي کجين جي وڻن جي شهر، يعني يريحو تائين پنهنجن ڀائرن وٽ آندائون: پوءِ هو موٽي سامريہ ڏي ويا.

16 انهيءَ وقت بادشاهہ آخز اسور جي بادشاهن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو.

17 ڇالاءِ جو ادومين وري اچي يهوداہ کي شڪست ڏني هئي ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري کڻي ويا هئا.

18 فلستين بہ هيٺانهين زمين تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ بيت شمس ۽ ايالون ۽ جديروت ۽ شوڪو، ان جي شهرن سميت، ۽ تمنہ، ان جي شهرن سميت، ۽ جمسو، ان جي شهرن سميت، ورتا هئائون، ۽ اتي رهي پيا هئا.

19 ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ آخز جي سبب خداوند يهوداہ کي ذليل ڪيو؛ جو هن يهوداہ ۾ بي حيائيءَ جي هلت ڪئي، ۽ خداوند جي برخلاف سخت گناهہ ڪيو.

20 ۽ اسور جو بادشاهہ تگلت پلناسر هن تي ڪاهي آيو ۽ هن کي سوڙهو گهٽيائين، پر مدد ڪانہ ڪيائينس.

21 ڇالاءِ جو آخز خداوند جي گهر مان ۽ بادشاهہ جي گهر مان ۽ اميرن کان ڪجهہ حصو وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنو: تڏهن بہ کيس مدد ڪانہ ملي.

22 ۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.

23 ڇالاءِ جو هن دمشق جي معبودن جي لاءِ قربانيون ڪيون جن هن کي شڪست ڏني هئي: ۽ هن چيو تہ سامريہ جي بادشاهن جي معبودن انهن کي واهر ڪئي، تنهنڪري آءٌ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ هو منهنجي بہ واهر ڪن. پر انهي ڪري، هنن پاڻ کيس ۽ ساري اسرائيل کي ناس ڪري ڇڏيو.

24 ۽ آخز خدا جي گهر جا سڀ ٿانوَ گڏ ڪيا ۽ خدا جي گهر جي ٿانوَن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين، ۽ خداوند جي گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيائين؛ ۽ يروشلم جي سڀني ڪنڊن ۾ پنهنجي لاءِ قربانگاهون جوڙيائين.

25 ۽ يهوداہ جي سڀ ڪنهن شهر ۾ هن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياريائين.

26 هاڻي هن جا ٻيا ڪم ۽ هن جا سڀ رستا، پهريان ۽ پويان، ڏسو، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

27 ۽ آخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ کيس شهر ۾، يعني يروشلم ۾ دفن ڪيائون، ڇالاءِ جو هن کي اسرائيل جي بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ آندائون: ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy