Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 27 - Sindhi Bible

1 يوتام جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي؛ ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسہ هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.

2 ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.

3 هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو، ۽ عوفل جي ڀت تي گهڻو ئي اڏايائين.

4 تنهن کانسواءِ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ هن گهڻا شهر ٻڌا، ۽ ٻيلن ۾ هن قلعا ۽ ٺلهہ جوڙايا.

5 هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو.

6 انهيءَ طرح يوتام زور وارو ٿيو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان پنهنجا رستا سنوان ڪيا.

7 هاڻي يوتام جا ٻيا ڪم ۽ سندس سڀ جنگيون، ۽ سندس رستا، ڏس، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

8 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي.

9 ۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy