Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 23 - Sindhi Bible

1 ۽ ستين سال ۾ يهويدع پاڻ کي زور وارو ڪيو، ۽ سوَن جي سردارن کي، يعني عزرياہ بن يهورام، اسماعيل بن يهوحنان، ۽ عزرياہ بن عوبيد، ۽ معسياہ بن عداياہ، ۽ اليسافط بن زڪري، کي پاڻ سان عهد اقرار ۾ ٻڌائين.

2 ۽ اهي يهوداہ ۾ هيڏي هوڏي گهميا، ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن مان لاوين کي ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن کي، گڏ ڪيائون ۽ يروشلم ۾ آيا.

3 ۽ ساري جماعت خدا جي گهر ۾ بادشاهہ سان عهد اقرار ڪيو، ۽ هن انهن کي چيو تہ ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند دائود جي پٽن جي نسبت ۾ فرمايو آهي، تهڙيءَ طرح بادشاهہ جو پٽ بادشاهي ڪندو.

4 ۽ اوهان کي هيئن ڪرڻ لازم آهي: اوهان مان، جيڪي سبت جي ڏينهن اندر ٿا اچو، ۽ ڪاهن ۽ لاوي آهيو، تن منجهان ٽيون حصو درن جا دربان ٿيو:

5 ۽ ٽيون حصو بادشاهہ جي گهر ۾ رهي، ۽ ٽيون حصو بنياد واري در تي رهي؛ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو خداوند جي گهر جي ايوانن ۾ رهن.

6 پر ڪاهن ۽ جيڪي لاوي خدمت ٿا ڪن، تن کان سواءِ ڪوبہ خداوند جي گهر ۾ نہ اچي؛ اهي ڀلي اچن، ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن؛ پر سڀ ماڻهو خداوند لاءِ پهرو ڏيندا.

7 ۽ لاوي بادشاهہ جي چوڌاري ڦري بيهندا ۽ سڀ ڪو پنهنجا هٿيار کڻي بيهندو؛ ۽ جيڪو گهر ۾ گهڙي ايندو، سو قتل ڪيو ويندو: ۽ جڏهن بادشاهہ اندر اچي ۽ ٻاهر وڃي، تڏهن اوهين انهيءَ ساڻ هجو.

8 تڏهن لاوين ۽ يهوداہ جي ماڻهن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڪيو هون: ۽ انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجا اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا جي سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا، ۽ اهي جي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا؛ ڇالاءِ جو يهويدع ڪاهن ترتيبوار حصن کي موڪل نہ ڏني هئي.

9 ۽ يهويدع ڪاهن سوَن جي سردارن کي اهي نيزا ۽ ڍالون ۽ سپرون ڏنيون، جي دائود جون هيون، ۽ جي خدا جي گهر ۾ هيون.

10 ۽ هن سڀني ماڻهن کي سندن هٿ ۾ پنهنجا هٿيار ڏيئي، گهر جي سڄي هٿ پاسي کان وٺي گهر جي کٻي هٿ پاسي تائين، قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي کان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري مقرر ڪري بيهاري ڇڏيا.

11 تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو ۽ تاج کڻي انهيءَ تي رکيائون، ۽ شاهديءَ جي سند ڏنائونس، ۽ بادشاهہ ڪيائونس: ۽ يهويدع ۽ ان جي پٽن هن کي مسح ڪيو؛ پوءِ چوڻ لڳا تہ بادشاهہ کي شل خدا سلامت رکي.

12 ۽ جڏهن عتلياہ ماڻهن جو هُل ٻڌو، جي پئي ڊوڙيا، ۽ بادشاهہ جي تعريف پئي ڪيائون، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي:

13 ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ دروازي وٽ پنهنجي ٿنڀ جي ڀرسان بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز پيا وڄائين، ۽ تعريف جا راڳ پيا ڳائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.

14 ۽ يهويدع ڪاهن جيڪي سوَن جا سردار لشڪر تي بيٺل هئا، تن کي ٻاهر ڪڍي آيو، ۽ چيائين تہ عتلياہ کي جهلي پنهنجين صفن جي وچ ۾ آڻيو، ۽ جيڪو هن جي پٺيان اچي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.

15 انهيءَ طرح هنن انهيءَ کي لنگهڻ ڏنو؛ ۽ هوءَ بادشاهہ جي گهر جي گهوڙي واري دروازي جي لنگهہ ڏانهن ويئي: ۽ اُتي هنن قتل ڪري ڇڏيس.

16 ۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.

17 ۽ سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏي ويا ۽ انهيءَ کي ڀڳائون، ۽ انهيءَ جون قربانگاهون ۽ انهيءَ جا بُت ڀڃي پرزا پرزا ڪيائون، ۽ بعل جي ڪاهن متانَ کي قربانگاهہ جي اڳيان قتل ڪيائون.

18 ۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.

19 ۽ هن خداوند جي گهر جي درن تي دربان مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن بہ طرح ناپاڪ هجي، تنهن کي اندر لنگهڻ نہ ڏين.

20 ۽ هن سوَن جي سردارن، ۽ اميرن، ۽ ماڻهن جي حاڪمن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري، بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو: ۽ هو مٿين درن مان بادشاهہ جي گهر ۾ آيا، ۽ بادشاهہ کي بادشاهت جي تخت تي ويهاريائون.

21 پوءِ ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ آرام ٿيو: ۽ هنن عتلياہ کي ترار سان ماري وڌو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy