2.تواريخ 22 - Sindhi Bible1 ۽ يروشلم جي رهاڪن هن جي جاءِ تي سندس سڀ کان ننڍي پٽ اخزياہ کي بادشاهہ ڪيو: ڇالاءِ جو عربن سان گڏ جيڪا ماڻهن جي ٽولي لشڪرگاهہ ۾ آئي هئي، تنهن سڀني وڏن کي ڪُهي ڇڏيو هو. انهيءَ طرح يهوداہ جي بادشاهہ يهورام جو پٽ اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2 جڏهن اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻائيتاليهن ورهين جي عمر جو هو: ۽ هن هڪ سال يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي: هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جا عمريءَ جي ڌيءَ هئي. 3 اهو بہ اخي اب جي گهراڻي جي رستن تي هليو: ڇالاءِ جو سندس ماءُ بڇڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ صلاح ڏيندي هيس. 4 ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن اخي اب جي گهراڻي ڪيا هئا: ڇالاءِ جو سندس پيءُ جي مرڻ کانپوءِ انهن کيس صلاحون ڏيئي ناس ڪيو. 5 هو انهن جي صلاح مشورت تي بہ هليو، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب جي پٽ يهورام سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏي ويو: ۽ ارامين يهورام کي ڦٽي وڌو. 6 ۽ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهڻ وقت رامہ ۾ جيڪي زخم رسيا هئس سي ڇُٽائي. ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهورام جو پٽ عزرياہ، يهورام بن اخي اب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، ڇالاءِ جو هو بيمار هو. 7 هاڻي اخزياہ جي تباهي خدا وٽان هئي جو هو يهورام ڏي ويو هو: ڇالاءِ جو جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن هو يهورام سان گڏجي ياهو بن نمسيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو، جنهن کي خداوند اخي اب جي گهراڻي کي وڍي ڇڏڻ لاءِ مسح ڪيو هو. 8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ياهو اخي اب جي گهراڻي تي اهو حڪم تعميل پئي ڪيو، تڏهن هن يهوداہ جي سردارن، ۽ اخزياہ جي ڀائرن جي پٽن کي، اخزياہ جي خدمت چاڪري ڪندي ڏٺو ۽ انهن کي ڪُٺائين. 9 ۽ هن اخزياہ جي ڳولا ڪئي، ۽ انهن هن کي وڃي پڪڙيو، (هاڻي هو سامريہ ۾ لڪل هو) ۽ انهيءَ کي ياهوءَ وٽ وٺي ويا ۽ قتل ڪيائونس؛ ۽ دفن ڪيائونس، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو يهوسفط جو پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان خدا کي ٿي ڳوليو. ۽ اخزياہ جي گهراڻي کي بادشاهت جي سنڀالڻ جي ڪابہ طاقت ڪانہ هئي. 10 هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ اُٿي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي شاهي نسل وارا سڀ ناس ڪري ڇڏيائين. 11 پر يهوسفط بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي پٽ يوآس کي، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا هئا، تن منجهان چورائي کڻي ويئي ۽ انهيءَ کي سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. انهيءَ طرح يهورام جي ڌيءَ يهوسبعت، جا يهويدع ڪاهن جي زال هئي، (ڇالاءِ جو هوءَ اخزياہ جي ڀيڻ هئي) تنهن هن کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيو، جنهنڪري هوءَ انهي کي ڪُهي نہ سگهي. 12 ۽ اهو هنن وٽ ڇهن سالن تائين خدا جي گهر ۾ لڪل هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society