Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 21 - Sindhi Bible

1 ۽ يهوسفط پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان دفن ٿيو: ۽ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

2 ۽ هن جا ڀائر يهوسفط جا پٽ هي هئا؛ عزرياہ، ۽ يحي ايل، ۽ زڪرياہ، ۽ عزرياہ، ۽ ميڪائيل، ۽ سفطياہ: اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط جا پٽ هئا.

3 ۽ انهن کي سندن پيءُ چاندي ۽ سون ۽ قيمتي شين جون گهڻيون سوغاتون ڏنيون، ۽ يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا، پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇالاءِ جو هو پهريتو هو.

4 هاڻي جڏهن يهورام پنهنجي پيءُ جي بادشاهت تي قائم ٿيو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيائين، تڏهن هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي، ۽ اسرائيل جي ٻين ڪيترن سردارن کي بہ ترار سان قتل ڪيو.

5 جڏهن يهورام بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو؛ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي.

6 ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو: ڇالاءِ جو اخي اب جي ڌيءَ سندس زال هئي: ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.

7 انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گهراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گهريو، ڇالاءِ جو دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين ۽ انجام ڪيو هئائين تہ هن کي ۽ سندس اولاد کي هميشہ هڪڙو ڏيئو ڏيندو رهندو.

8 ۽ هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي زيردستيءَ کان باغي ٿيو، ۽ اتي جي ماڻهن پنهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو.

9 تڏهن يهورام پنهنجن سردارن سان ۽ پنهنجون سڀ گاڏيون ساڻ ڪري، لنگهي انهيءَ پاسي ويو: ۽ رات جو اُٿي ادومين کي شڪست ڏنائين، ڇالاءِ جو هو هن کي ۽ گاڏين جي سردارن کي چوڌاري وڪوڙي ويا هئا.

10 انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي زيردستيءَ کان باغي ٿي ڦري ويو: ۽ انهيءَ ساڳي وقت لبناہ بہ سندس زيردستيءَ کان باغي ٿي ويو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.

11 تنهن کانسواءِ هن يهوداہ جي جبلن ۾ مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيائين، ۽ يهوداہ کي گمراهہ ڪري ڇڏيائين.

12 ۽ ايلياہ نبيءَ وٽان هن وٽ هڪڙو خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون پنهنجي پيءُ يهوسفط جي، يا يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين؛

13 پر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو آهين. ۽ يهوداہ کي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيو اٿيئي، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو آهي؛ ۽ تو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي مان بہ پنهنجا ڀائر ڪُٺا آهن، جي توکان چڱا هئا:

14 تنهنڪري ڏس، خداوند تنهنجي قوم ۽ تنهنجي اولاد ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجي ساري ملڪيت کي هڪڙي وڏي طاعون سان ڌڪ هڻندو:

15 ۽ توکي آنڊن جي مرض جي ڪري هڪڙي وڏي بيماري ٿيندي، جنهنڪري روز بروز انهيءَ بيماريءَ جي ڪري تنهنجا آنڊا ڪِري پوندا.

16 ۽ خداوند فلستين کي ۽ انهن عربن کي، جي حبشين جي پاسي ۾ رهن ٿا، يهورام جي خلاف جوش ڏياري اُٿاريو:

17 ۽ اهي يهوداہ تي چڙهي آيا ۽ انهن ۾ ڪاهي پيا، ۽ بادشاهہ جي گهر ۾ جيڪو مال هٿ آين سو، ۽ سندس پٽ ۽ سندس زالون بہ، کڻي هليا ويا؛ جنهنڪري هن وٽ ڪوبہ پٽ ڪونہ رهيو سواءِ يهوآخز جي، جو سندس پٽن مان سڀ کان ننڍو هو.

18 ۽ ايتري کانپوءِ خداوند هن کي آنڊن جو هڪڙو لاعلاج مرض بڇيو.

19 ۽ عرصي پئي، ٻن ورهين کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ هن جا آنڊا انهيءَ بيماريءَ جي ڪري نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هو خراب مرضن جي ڪري مري ويو. ۽ هن جي ماڻهن سندس لاءِ ساڙڻ نہ ڪيو، جيئن سندس ابن ڏاڏن لاءِ ڪيو هئائون.

20 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي: ۽ هو بي سوءَ لڏي هليو ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy