2.تواريخ 19 - Sindhi Bible1 يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط صحيح سلامت موٽي پنهنجي گهر يروشلم ۾ آيو. 2 ۽ ياهو بن حناني غيب دان هن جي استقبال لاءِ ويو ۽ يهوسفط بادشاهہ کي چيائين، تہ اهو مناسب آهي ڇا تہ تون شريرن کي مدد ڏين ۽ جي خداوند کي ڌڪارين ٿا تن کي پيار ڪرين؟ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند جي طرفان توتي ڪاوڙ آئي. 3 انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون لڀن ٿيون، جو تو هن ملڪ مان يسيرت ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ دل لڳائي اٿيئي. 4 ۽ يهوسفط يروشلم ۾ رهي پيو: ۽ هو وري بيرسبع کان وٺي افرائيم جي ڪوهستان تائين ماڻهن وٽ ويو، ۽ انهن کي خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن موٽائي آندائين. 5 ۽ هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾، شهر بہ شهر، ملڪ ۾ قاضي مقرر ڪيا، 6 ۽ انهن قاضين کي چيائين تہ جيڪي ڪريو سو ويچار سان ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين ماڻهوءَ جي لاءِ عدالت نٿا ڪريو پر خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ ۽ انهيءَ عدالت ۾ اُهو اوهان ساڻ آهي. 7 تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري. 8 انهيءَ کانسواءِ يهوسفط يروشلم ۾ لاوين ۽ ڪاهنن مان ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪي مقرر ڪيا تہ خداوند جي طرفان عدالت ڪن ۽ بحث مباحثا هلائين. ۽ پوءِ اهي يروشلم ڏي موٽي آيا. 9 ۽ هن انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين هن طرح خداوند جي خوف سان ۽ ايمانداريءَ سان ۽ ڪامل دل سان هلت ڪجو. 10 ۽ جيڪي اوهان جا ڀائر پنهنجن شهرن ۾ رهن ٿا، تن منجهان جڏهن ڪڏهن ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جو هڪٻئي سان رت جي يا شريعت ۽ حڪم جي يا قاعدن ۽ فيصلن جي وچ ۾ هجي، تڏهن اوهين انهن کي خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا ڏوهاري نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي ڀائرن تي غضب نازل ٿئي: جي ائين ڪندا تہ اوهين ڏوهاري نہ ٿيندا. 11 ۽ ڏس، خداوند جي سڀني ڳالهين ۾ امرياہ سردار ڪاهن اوهان جي مٿان آهي، ۽ بادشاهہ جي سڀني ڳالهين ۾ زبدياہ بن اسماعيل، يهوداہ جي گهراڻي جو سردار، اوهان جي مٿان آهي: لاوي بہ اوهان جي اڳيان عملدار ٿيندا. همت سان هلو، ۽ خداوند نيڪ ماڻهن سان هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society