Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 17 - Sindhi Bible

1 ۽ ان جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو، ۽ اسرائيل جي برخلاف پاڻ کي مضبوط ڪيائين.

2 ۽ يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ هن لشڪر رکيا، ۽ يهوداہ جي زمين ۽ جيڪي افرائيم جا شهر سندس پيءُ آسا ورتا هئا، تن ۾ پهري وارا لشڪر رکيائين.

3 ۽ خداوند يهوسفط سان هو، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ دائود جي رستي تي هليو ۽ بعليم جي طلب نہ ٿي رکيائين:

4 پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.

5 تنهن ڪري خداوند بادشاهت انهيءَ جي هٿ ۾ قائم ڪئي، ۽ سڄي يهوداہ يهوسفط وٽ نذرانا آندا؛ ۽ هن وٽ دولت ۽ عزت نهايت گهڻي ٿي.

6 ۽ هن جي دل خدا جي ڪمن ۾ تمام مگن رهي: ۽ هن يهوداہ مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون ڪڍي ڇڏيون.

7 ۽ پنهنجي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هن پنهنجن سردارن بن خيل، ۽ عبدياہ، ۽ زڪرياہ، ۽ نتنئيل ۽ ميڪاياہ کي موڪليو تہ يهوداہ جي شهرن ۾ تعليم ڏين.

8 ۽ انهن سان گڏ لاوي موڪليائين، يعني سمعياہ، ۽ نتنياہ، ۽ زبدياہ، ۽ عساهيل، ۽ سميراموت، ۽ يهونتن، ۽ ادونياہ، ۽ طوبياہ، ۽ طوب ادونياہ، جي سڀ لاوي هئا؛ ۽ انهن سان اليسمع ۽ يهورام ڪاهن بہ موڪليائين.

9 ۽ انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي انهن يهوداہ ۾ تعليم ڏني؛ ۽ هو يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ گهميا، ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون.

10 ۽ يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف نازل ٿيو، جنهن ڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي.

11 ۽ ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ڍل طور آڻي ڏني؛ عربن بہ هن کي ڌڻ آڻي ڏنا، ست هزار ست سؤ گهٽا، ۽ ست هزار ست سؤ ٻڪر.

12 ۽ يهوسفط تمام وڏي مرتبي وارو ٿي ويو؛ ۽ هن يهوداہ ۾ قلعا ۽ گدام جا شهر ٺهرايا.

13 ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ هن کي گهڻائي ڪم هئا؛ ۽ يروشلم ۾ جنگي پهلوان ۽ همت وارا بهادر مرد هئا.

14 ۽ انهن جو شمار سندن ابن جي گهراڻن موجب هيئن هو: يهوداہ مان هزارن جا سردار؛ عدنہ سردار؛ ۽ ساڻس ٽي لک همت وارا بهادر مرد هئا؛

15 انهيءَ کانپوءِ، يهوحنان سردار، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک اسي هزار هئا؛

16 ۽ انهيءَ کانپوءِ عمسياہ بن زڪري، جنهن خوشيءَ سان پاڻ کي خداوند جي لاءِ حاضر ڪيو؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ لک همت وارا بهادر مرد هئا:

17 ۽ بنيمين مان؛ اليدع، جو هڪڙو همت وارو بهادر مرد هو، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک ڪمانن ۽ سپرن وارا ماڻهو هئا:

18 ۽ انهيءَ کانپوءِ يهوزبد، ۽ انهيءَ سان هڪ لک اسي هزار ماڻهو هئا، جي جنگ جي لاءِ بلڪل تيار هئا.

19 هي اُهي هئا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ حاضر رهندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ اُهي، جن کي بادشاهہ سڄي يهوداہ ۾ قلعن وارن شهرن ۾ رکيو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy