Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 16 - Sindhi Bible

1 آسا جي بادشاهت جي ڇٽيهين سال ۾، اسرائيل جو بادشاهہ بعشا، يهوداہ تي ڪاهي آيو، ۽ رامہ ٻڌائين، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن کي بہ يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ اچڻ يا وڃڻ نہ ڏئي.

2 تڏهن آسا خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ جي گهر جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن هدد وٽ موڪليو، جو دمشق ۾ رهندو هو، ۽ چوائي موڪليائين تہ،

3 منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ اهڙو عهد اقرار آهي جهڙو منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هوندو هو: ڏس مون تو وٽ چاندي ۽ سون موڪليو آهي: وڃ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو عهد اقرار ڀڃ، تہ هو مون تان ٽري وڃي.

4 ۽ بن هدد، بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين؛ ۽ انهن عيون، ۽ دان، ۽ ابيل مائم، ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارن شهرن کي تباهہ ڪيو.

5 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ جو اڏائڻ ڇڏي ڏنائين، ۽ ڪم بند ڪري ڇڏيائين.

6 پوءِ آسا بادشاهہ سڄو يهوداہ گڏ ڪيو، ۽ هو رامہ جا پٿر، ۽ ان جو ڪاٺ، جن سان بعشا شهر ٿي جوڙايو، سي سڀ کڻي ويا؛ ۽ انهيءَ مان هن جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايا.

7 ۽ انهيءَ وقت حناني غيب دان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو، ۽ انهي کي چيائين تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ رکيو آهي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو آهي.

8 ڪوشي ۽ لوبي بيشمار گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو ڇا؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو رکيو، تڏهن هن اهي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا.

9 ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.

10 تڏهن آسا انهيءَ غيب دان تي ڪاوڙيو، ۽ انهيءَ کي قيد ۾ کڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪري هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ۽ ساڳئي وقت ۾ آسا ڪن ماڻهن تي ظلم بہ ڪيا.

11 ۽ ڏس، آسا جا ڪم، پهريان توڙي پويان، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

12 ۽ سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو؛ اهو مرض تمام وڏو هو؛ تڏهن بہ انهيءَ بيماريءَ ۾ هن خدا کي نہ ڳوليو پر طبيبن کي ڳوليائين.

13 نيٺ آسا پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ايڪيتاليهين سال ۾ مري ويو.

14 ۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy