Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 15 - Sindhi Bible

1 پوءِ خدا جو روح عزرياہ بن عودد تي نازل ٿيو:

2 ۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.

3 هاڻي گهڻي مدت تائين، اسرائيلي سچي خدا کانسواءِ، ۽ سيکاريندڙ ڪاهنن کانسواءِ، ۽ شريعت کانسواءِ پئي رهيا آهن:

4 پر جڏهن مصيبت جي وقت هو خداوند، اسرائيل جي خدا ڏانهن ڦريا، ۽ انهيءَ کي ڳوليائون، تڏهن انهيءَ کي لڌائون.

5 ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪو ٻاهر ٿي ويو يا جيڪو اندر ٿي آيو، تنهن جي لاءِ سلامتي ڪانہ هئي، پر ملڪ جي سڀني رهاڪن کي گهڻيون تڪليفون رسنديون هيون.

6 قوم، قوم سان ٿي وڙهي، ۽ شهر، شهر سان ٿي وڙهيو، ۽ سڀ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا هئا: ڇالاءِ جو خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت سان تڪليف ٿي ڏني.

7 پر اوهين مضبوط ٿيو، ۽ پنهنجن هٿن کي ڍرو ٿيڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ملندو.

8 ۽ جڏهن آسا اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ عودد نبيءَ جي پيشنگوئي ٻڌائين تڏهن هن همت جهلي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ڪل زمين مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي ڪوهستان مان ورتا هئا تن مان، ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيائين: ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا خداوند جي دالان جي اڳيان هئي، تنهن کي وري نئين سر ٺاهيائين.

9 ۽ هن ڪل يهوداہ ۽ بنيمين کي، ۽ جيڪي ماڻهو افرائيم ۽ منسي مان، ۽ شمعون مان هنن سان مسافر ٿي رهندا هئا، تن کي هن گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو جڏهن هنن ڏٺو تہ خداوند هن جو خدا هن ساڻ آهي، تڏهن اسرائيل مان تمام گهڻا هن سان وڃي شامل ٿيا.

10 انهيءَ طرح آسا جي بادشاهت جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ هو يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.

11 ۽ انهيءَ ڏينهن جيڪو لٽ جو مال آندو هئائون، تنهن مان ست سؤ ڏاند ۽ ست هزار رڍون، هنن خداوند جي لاءِ قربان ڪيون.

12 ۽ هنن پنهنجي سموري دل، ۽ سموري جان سان عهد اقرار ڪيو، تہ اسين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڳولينداسين؛

13 ۽ جيڪو خداوند، اسرائيل جي خدا کي نہ ڳوليندو، سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا زال.

14 ۽ هنن وڏي آواز سان، ۽ رڙين ڪرڻ سان، ۽ قرنائن ۽ شرنائين سان، خداوند جي اڳيان قسم کنيو.

15 ۽ انهيءَ قسم تي ساري يهوداہ خوشيون ڪيون: ڇالاءِ جو هنن پنهنجي سموري دل سان قسم کنيو هو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڄيءَ دل سان ڳوليائون؛ ۽ هنن انهي کي لڌو؛ ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو.

16 ۽ بادشاهہ آسا جي ماءُ معڪہ کي بہ هن ملڪہ جي درجي تان لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو انهيءَ يسيرت لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت جوڙي هئي، ۽ آسا اها مورت وڍي ڇڏي، ۽ انهيءَ کي قدرون نهر تي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيائين.

17 پر مٿانهيون جايون اسرائيل مان ڪڍيون نہ ويون: انهيءَ هوندي بہ آسا جي دل سندس سڀني ڏينهن ۾ سالم رهي.

18 ۽ هن خدا جي گهر ۾ اهي شيون آنديون جي هن جي پيءُ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون، يعني چاندي ۽ سون ۽ باسڻ.

19 ۽ آسا جي راڄ جي پنجٽيهين سال تائين ٻي ڪا جنگ ڪانہ لڳي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy