Online Bible

- Reklamy -

2.تواريخ 11 - Sindhi Bible

1 جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ ۽ بنيمين جو سڄو گهراڻو، جي هڪ لک ۽ اسي هزار چونڊيل ماڻهو ٿيا، ۽ جنگي مرد هئا، اُهي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل سان وڙهن، ۽ بادشاهت وري رحبعام وٽ آڻين.

2 پر خداوند جو ڪلام سمعياہ خدا جي مرد تي نازل ٿيو تہ

3 يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام بن سليمان کي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين ۾ جيڪي اسرائيلي آهن تن سڀني کي چئُہ، تہ

4 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين چڙهي نہ وڃو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن سان وڙهو: هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هو خداوند جو حڪم مڃي يربعام تي ڪاهي وڃڻ کان موٽي آيا.

5 ۽ رحبعام يروشلم ۾ رهي پيو، ۽ يهوداہ ۾ بچاءَ جي لاءِ شهر جوڙيائين.

6 هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،

7 بيت صور، ۽ شوڪر، ۽ عدلام،

8 ۽ جات، ۽ مريسہ، ۽ زيف،

9 ۽ ادوريم، ۽ لڪيس، ۽ عزيقہ،

10 ۽ صرعہ، ۽ ايالون، ۽ حبرون، جي يهوداہ ۾ ۽ بنيمين ۾ ڪوٽن وارا شهر آهن.

11 ۽ هن قلعن کي مضبوط ڪيو، ۽ منجهن سردار، ۽ کاڌي جو انبار، ۽ تيل، ۽ شراب موجود ڪيائين.

12 ۽ هرهڪ شهر ۾ سپرون ۽ ڀالا رکيائين، ۽ انهن کي نهايت مضبوط ڪيائين. ۽ يهوداہ ۽ بنيمين سندس هئا.

13 ۽ سڄي اسرائيل ۾ جيڪي ڪاهن ۽ لاوي هئا، سي پنهنجين سڀني سرحدن مان هن وٽ آيا.

14 ڇالاءِ جو لاوي پنهنجا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ۽ پنهنجي ملڪيت ڇڏي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا: جو يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪڍي ڇڏيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ ڪهانت جو عهدو نہ هلائين:

15 ۽ مٿانهين جاين لاءِ، ۽ جيڪي ٻڪر ۽ گابا هن جوڙيا هئا، تن لاءِ هن ڪاهن مقرر ڪيا.

16 ۽ انهن جي پٺيان، اسرائيل جي سڀني فرقن مان، جن کي خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ جي خواهش هئي، سي بہ يروشلم ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ قربانيون ڪن.

17 تڏهن هنن يهوداہ جي بادشاهت مضبوط ڪئي، ۽ ٽي ورهيہ رحبعام بن سليمان کي زور وٺايائين؛ ڇالاءِ جو ٽي سال هو دائود ۽ سليمان جي رستي تي هليا.

18 ۽ رحبعام محالات سان شادي ڪئي، جا يريموت بن دائود، ۽ ابيخيل بنت الياب بن يسيءَ جي ڌيءَ هئي؛

19 ۽ انهيءَ مان هي پٽ ڄايس؛ يعوس، ۽ سمرياہ، ۽ زهم.

20 انهيءَ کانپوءِ هن ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان شادي ڪئي؛ ۽ انهيءَ مان هن کي ابياہ، عتي، ۽ زيزا، ۽ سلوميت ڄاوا.

21 ۽ رحبعام جي پنهنجن زالن ۽ سريتن کان، ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان گهڻي محبت هئي: (هن کي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، ۽ اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئون کيس ڄايون).

22 ۽ رحبعام معڪہ جي پٽ ابياہ کي مکيہ ڪيو، يعني سندس ڀائرن ۾ هن کي سردار مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو سندس ارادو هو تہ هن کي بادشاهہ ڪري.

23 ۽ هن ڏاهپ جي هلت ڪئي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن کي يهوداہ ۽ بنيمين جي سڀني زمينن ۽ سڀني ڪوٽ وارن شهرن ۾ رکي هڪڙو هڪڙو ڪري پکيڙي ڇڏيائين: ۽ هن انهن کي بي انداز کاڌو ڏنو، ۽ انهن جي لاءِ گهڻيون زالون ڳولايائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Následuj nás:



Reklamy