2.تواريخ 14 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ آسا 1 پوءِ ابياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ آسا سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو. هن جي ڏينهن ۾ ڏهن سالن تائين ملڪ ۾ امن وَ امان رهيو. 2 آسا اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱا ۽ صحيح هئا. 3 هن غير معبودن جون قربانگاهون، جبلن تي ٺهيل سندن پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيا، يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏيا ۽ بتپرستن جا مذهبي پٿر ڀڃائي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا. 4 هن يهوداہ جي رهاڪن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن لاڙو رکن ۽ سندس شريعت ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن. 5 هن يهوداہ ملڪ جي سڀني شهرن مان ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر ۽ سندن لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون ختم ڪرائي ڇڏيون ۽ سندس هٿ هيٺ بادشاهت ۾ امن وَ امان رهيو. 6 هن يهوداہ جي ڪيترن ئي شهرن جا قلعا تعمير ڪرايا ۽ گھڻي عرصي تائين ساڻس ڪنهن جو بہ جنگ جھيڙو ڪونہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس سلامتي بخشي هئي. 7 هن پنهنجي عوام کي چيو هو تہ ”اچو تہ هنن شهرن کي چوڌاري ڪوٽ ڪڍون ۽ انهن ۾ ٺُلهہ ٺاهيون ۽ گزن سميت دروازا جوڙيون. هي ملڪ اڃا تہ اسان جو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو آهيون ۽ سندس طلب رکڻ ڪري هن اسان کي هر پاسي کان آرام بخشيو آهي.“ اهڙيءَ طرح هنن شهرن جا قلعا جوڙيا ۽ سک سانت ۾ زندگي گذارڻ لڳا. 8 آسا وٽ يهوداہ مان ٽي لک جوانن جو هڪڙو لشڪر هو جيڪو ڍالن ۽ نيزن سان مسلح هوندو هو ۽ بنيامين مان ٻہ لک اسي هزار جوانن جو هڪڙو لشڪر هئس جيڪو پڻ ڍالن ۽ تيرڪمانن سان مسلح هوندو هو. اهي سڀيئي بهادر جنگي جوڌا هئا. بادشاهہ آسا جو سوڊانين کي شڪست ڏيڻ 9 هڪ دفعي زارح نالي هڪ سوڊاني ڏهہ لک جوانن جو هڪڙو لشڪر ٽي سؤ جنگي گھوڙي گاڏين سميت ساڻ ڪري اچي يهوداہ ملڪ تي حملو ڪيو ۽ مريسہ شهر تائين پهچي ويو. 10 تڏهن آسا هن جي مقابلي لاءِ نڪري آيو ۽ مريسہ وٽ ضفاتہ جي ماٿريءَ ۾ زارح جي لشڪر سامهون جنگ لاءِ صف بندي ڪيائين. 11 پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“ 12 سو خداوند سوڊانين کي يهوداہ جي لشڪر هٿان شڪست ڏني ۽ هو وٺي ڀڳا. 13 آسا ۽ سندس لشڪر جرار شهر تائين هنن جو پيڇو ڪيو. سوڊانين جا ايترا تہ ماڻهو ماريا ويا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگھيا. هو خداوند ۽ سندس لشڪر جي هٿان ناس ٿي ويا. يهوداہ وارن کي تمام گھڻو لٽ جو مال هٿ آيو. 14 جرار جي آسپاس هنن سڀ شهر تباهہ ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو خوف اتان جي سڀني ماڻهن تي ڇانئجي ويو هو. هنن اِهي سڀ شهر لٽيا ڦريا ۽ اتان کين لٽ جو گھڻو مال هٿ آيو. 15 هنن چوپائي مال جي واڙن تي بہ ڪاهہ ڪئي ۽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ اٺ اتان ڪاهي آيا. پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society