لوقا 23:26 - Sindhi Bible (India)26 जड॒ऐं सैनिकअ येशुअ खे वठी प्या वञन, तड॒ऐं उनन शमौन नाले जे हिकड़े कुरेनी वासीअ खे पकड़यो, जेको पांजे नगरअ मां यरूशलेम शहेरअ डा॒ं अचे प्यो। सैनिकन शमौन जे मथां क्रूस रखी छड॒यऊं, के उहो येशुअ जे पोयां-पोयां खणी हले। Ver CapítuloSindhi Bible26 ۽ جيئن هن کي وٺي پئي ويا، تہ هڪڙو ماڻهو شمعون ڪريني ٻهراڙيءَ مان پئي آيو، تنهن کي جهلي صليب کڻي مٿان رکيائونس، تہ يسوع جي پٺيان کڻي هلي. Ver CapítuloHindu Sindhi Bible26 جيئن سپاهي يسوع کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي سولي کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اها کڻي يسوع جي پٺيان هلي. Ver CapítuloMuslim Sindhi Bible26 جيئن سپاهي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اهو کڻي عيسيٰ جي پٺيان هلي. Ver CapítuloCommon Language New Testament26 جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي. Ver Capítulo |