La Biblia Online

- Anuncios -




رومين 5:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ان کان علاوہ فضل واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي گناهہ ڪرڻ تي گنهگار هئڻ جي فتويٰ جاري ٿي، جڏهن تہ گناهن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش عطا ڪئي.

Ver Capítulo Copiar

Sindhi Bible

16 ۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا.

Ver Capítulo Copiar

Hindu Sindhi Bible

16 ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي.

Ver Capítulo Copiar

Common Language New Testament

16 خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا.

Ver Capítulo Copiar




رومين 5:16

Síguenos en:

Anuncios


Anuncios