رومين 1:25 - Muslim Sindhi Bible25 انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين. Ver CapítuloSindhi Bible25 ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين. Ver CapítuloHindu Sindhi Bible25 انهن ايشور جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ ايشور جي رچيل شين کي مان ڏيئي انهن جي پوجا ڪئي. هائو، رچنا ڪندڙ ايشور کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي مهما شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين. Ver CapítuloCommon Language New Testament25 انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين. Ver Capítulo |