Aanlyn Bybel

- Advertensies -

2.تواريخ 1 - Sindhi Bible

1 ۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.

2 ۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.

3 ۽ سليمان سڄيءَ جماعت سميت جبعون جي مٿانهين جاءِ تي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خدا جي جماعت وارو تنبو لڳل هو، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.

4 پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.

5 پر پتل جو اُهو قربانگاهہ جو بضلي ايل بن اوري بن حور ٺاهيو هو، سو خداوند جي تنبوءَ جي اڳيان اتي هو؛ ۽ سليمان انهيءَ جماعت سميت اتي ويو.

6 ۽ سليمان انهيءَ پتل جي قربانگاهہ وٽ آيو جو خداوند جي اڳيان جماعت جي تنبوءَ ۾ هو، ۽ انهي تي هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيائين.

7 انهيءَ رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ جيڪي گهرين سو گهر تہ آءٌ توکي ڏيان.

8 ۽ سليمان خدا کي چيو تہ تو منهنجي پيءُ دائود کي وڏي مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو اٿيئي.

9 هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو عهد اقرار تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو آهي سو شل قائم رهي: ڇالاءِ جو تو مون کي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ ڪيو آهي جا زمين جي مٽيءَ جهڙي بيشمار آهي.

10 هاڻي مون کي علم ۽ عقل ڏي تہ آءٌ ماڻهن جي اڳيان ٻاهر نڪري وڃان ۽ اندر اچان: ڇالاءِ جو تنهنجي قوم جا ههڙي وڏي آهي، تنهن جي ڪير عدالت ڪري سگهندو؟

11 ۽ خدا سليمان کي چيو تہ جڏهن اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي، ۽ تو مال ۽ دولت، ۽ عزت نہ گهري آهي، ۽ نہ پنهنجن دشمنن جي حياتي گهري اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گهري اٿيئي؛ بلڪ پنهنجي لاءِ علم ۽ عقل گهريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن منهنجي قوم تي مون توکي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، تنهن جي عدالت ڪرين:

12 تڏهن عقل ۽ علم توکي ڏنو ٿو وڃي؛ ۽ آءٌ توکي مال، ۽ دولت، ۽ عزت، اهڙي ڏيندس جهڙي توکان اڳي جي بادشاهہ ٿي گذريا آهن، تن مان ڪنهن کي نہ هئي، ۽ نہ توکان پوءِ ڪنهن کي اهڙي ملندي.

13 پوءِ سليمان جبعون واريءَ مٿانهين جاءِ تان جماعت جي تنبوءَ جي اڳيان هلي، يروشلم ۾ آيو؛ ۽ هو اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

14 ۽ سليمان گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار گڏ ڪيا: ۽ هن وٽ هڪ هزار چار سؤ گاڏيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا، جي هن گاڏين وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ رکيا.

15 ۽ بادشاهہ چاندي ۽ سون کي يروشلم ۾ پٿرن جهڙو عام ڪري ڇڏيو، ۽ سرو جي ڪاٺين کي اهڙو ڪيائين جهڙا گولر جا وڻ، جي هيٺانهين زمين ۾ بيشمار ٿيندا آهن.

16 ۽ جيڪي گهوڙا سليمان وٽ هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ بادشاهہ جا سوداگر گلن جا گلا وٺي ايندا هئا، ۽ هرهڪ گلي جو ڌار ملهہ ڏيندا هئا.

17 ۽ انهن مصر مان، چانديءَ جا ڇهہ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙي گاڏي آندي، ۽ ڏيڍ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙو گهوڙو آندو: ۽ انهيءَ طرح حتين جي سڀني بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن جي لاءِ بہ اُهي خريد ڪري آندائون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Volg ons:



Advertensies