Aanlyn Bybel

- Advertensies -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح جو شجرو
( لوقا 3‏:23‏-38 )

1 عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.

2 ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

3 يهوداہ کي فارص ۽ زارح نالي ٻہ پٽ پيدا ٿيا، جن جي ماءُ تمر هئي. فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان رام پيدا ٿيو.

4 رام مان عمينداب پيدا ٿيو، عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو.

5 سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو.

6 يسيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي زال هئي.

7 سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو.

8 آسا مان يهوسفط پيدا ٿيو، يهوسفط مان يهورام پيدا ٿيو ۽ يهورام مان عُزياہ پيدا ٿيو.

9 عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آخز پيدا ٿيو ۽ آخز مان حزقياہ پيدا ٿيو.

10 حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسيءَ مان امُون پيدا ٿيو ۽ امُون مان يوسياہ پيدا ٿيو.

11 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

12 انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

13 زربابل مان ابيهود پيدا ٿيو، ابيهود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو.

14 عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليهود پيدا ٿيو.

15 اليهود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.

16 يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.

17 اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ
( لوقا 2‏:1‏-7 )

18 عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي.

19 هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“

20 پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.

21 هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“

22 اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ

23 ”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“

24 سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين.

25 پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس هٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Volg ons:



Advertensies